لنڊن _24 جنوري (اي پي پي ) انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ وڌيڪ 6 ميچن جو فيصلو ٿيندو. اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ بورن اسٽيڊيم بورن مائوٿ ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ براٽن اينڊ هووالبيون ۽ ايورٽن جي ٽيمن وچ آمريڪن ايڪسپريس اسٽيڊيم فالمز ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ميچ ۾ ليور پول ۽ايپسوچ ٽائون جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ اها ميچ اينفيلڊ، ليور پول ۾ کيڏي ويندي . چوٿين ميچ سينٽ ميري اسٽيڊيم سائوٿمپٽن ۽ نيو ڪيسل يونائيٽڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، پنجين ميچ ۾ وولور هيمپٽن ۽ آرسنل جون ٽيمون موڪينلس اسٽيڊيم ، وولور هيمپٽن ۾ آمهون سامهون ٿينديون، اڄ 25 جنوري تي ڇهين ميچ دفاعي چيمپئين مانچستر سٽي۽ چيلسي جي ٽيمن وچ ۾ اتحاد اسٽيڊيم ، مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي. انگلش پريميئر فٽ بال جي 33 هين سيزن جي شروعات ٿي چڪي آهي جيڪو مجموعي طورتي ٽاپ فلائٽ انگلش فٽ بال جو 126 هون ايڊيشن آهي. اي پي ايل ۾ شامل 20 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ زور آزمائي رهيون آهن جن ۾ دفاعي چيمپئن مانچسٽر سٽي، بورن ماٿ، آرسنل، آسٽن ولا، برينٽ فورڊ، برائٽن اينڊ هوو البيون، چيلسي، ڪرسٽل پيلس، ايورٽن، فلهم، ايپسوچ ٽائون، ليسٽر سٽي، ليور پول، مانچسٽر يونائيٽيڊ، نيو ڪيسل، ناٽنگهم فارسٽ، ساٿمپٽن، ٽوٽنهم هاٽ پور، ويسٽ هيم ۽ وولور هيمپٽن شامل آهن.