ابوظهبي- 21 جنوري (اي پي پي) ابوظبي سال 2025ع ۾ به دنيا جي محفوظ ترين شهرن ۾ سڀ کان اڳيان آهي. سال 2017ع کان لڳاتار نائين سال به اهو اعزاز برقرار رکيو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها رينڪنگ آن لائن ڊيٽابيس نومبيو جاري ڪئي آهي جيڪا امارات جي جديد سيڪيورٽي منصوبابندي، حڪمت عملين ۽ قدمن کي ظاهر ڪري ٿي. سال 2025ع جي رينڪنگ ۾ 382 عالمي شهرن ۾ سڀ کان اڳيان ابوظبي اٽڪل هڪ ڏهاڪي کان محفوظ ترين شهر جي فهرست ۾ شامل آهي. اهو اعزاز شهرين، رهواسين ۽ سياحن جي زندگي جي معيار کي بهتر بنا ئڻ لاءِ امارات جي جاري ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿو. ابو ظبي پوليس شهر ۾ حفاظت ۽ سلامتي جي احساس کي هٿي ڏيڻ سميت ڪميونٽي جي اعتماد کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن عالمي رينڪنگ ۾ ابو ظهبي جي شموليت کي ممڪن بڻايو آهي . اها ڪاميابي ابو ظهبي کي تعليم، ڪم ۽ رهائش لاءِ هڪ ترجيحي هنڌ طور وڌيڪ مستحڪم ڪري ٿي.