ڪراچي- 21 جنوري (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ يونيورسٽيءَ جي مختلف اسٽيچوئري باڊيز جي منٽس جي منظوري سميت تعليمي، انتظامي ۽ مالياتي معاملن بابت غور ڪندي مُختلف فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو آهي ته يونيورسٽي پنهنجي مالي وسيلن ۾ استحڪام حاصل ڪيو آهي، يونيورسٽي ۾ نوان پروگرام شروع ڪندي نوان سينٽر جوڙيا پيا وڃن. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ جي 31هين اجلاس جي صدارت ڪندي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي تعليم ۽ ترقيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي. جڏهن ته شاگردن جي معياري تعليم ۽ تربيت کي اوليت ڏئي رهي آهي ته جيئن تعليم مُڪمل ڪرڻ کانپوءِ هو قومي ترقيءَ ۾ ذميواريءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. اجلاس کي ڊاڪٽر مجيب صحرائي ٻڌايو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پنهنجي مالي وسيلن ۾ استحڪام حاصل ڪيو آهي اُن جي ڪري ئي يونيورسٽي ۾ نوان پروگرام شروع ڪيا ويا ۽ نوان سينٽر جوڙيا پيا وڃن. سينڊيڪيٽ جي اجلاس ۾ يونيورسٽيءَ جي مختلف اسٽيچوئري باڊيز جي منٽس جي منظوري سميت تعليمي، انتظامي ۽ مالياتي معاملن تي به غور ويچار ڪيو ويو ۽ مُختلف فيصلن جي منظوري ڏني وئي.اجلاس ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر سروش لوڌي، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي ايڊيشنل سيڪريٽري سهيل انور بلوچ، وائس چانسلر شهيد البخش سومرو يونيورسٽي ڄامشورو پروفيسر ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو (ايڇ اِي سي، اسلام جي نامزد ڪيل)، اڳوڻي وفاقي وزير حاجي محمد حنيف طيب، سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي آءِ ٽي فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ، سافٽ ويئر انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن/وائس چانسلر جو تعليم بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان، ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عنبرين فضل، اسسٽنٽ پروفيسر قرة العين نذير احمد، اسسٽنٽ پروفيسر آصف حسين سمون، رجسٽرار غلام مصطفيٰ شيخ ۽ ليڪچرار شفيق احمد شرڪت ڪئي.