اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي نئين سر جوڙجڪ جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ ان عمل جي موثر نگراني جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي جڏهن ته توشه خانه جي نظام ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ جي لاءِ توشه خانه ايڪٽ 2024ع تي نظرثاني جي لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا، ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ٻاهرئين ملڪ جي موجوده 86 پائليٽس جي لائيسنسز جي مدي ۾ 2 سالن جي واڌ ۽ 2025ع ۾ نئين پائليٽس جي شموليت جي فارن ويليڊيشن ۾ 3 سالن جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل سالن ۾ ڪوويڊ – 19 جي وبا ۽ پاڪستاني پائليٽس تي پابندي جي ڪري پاڪستاني ايئرلائينز کي ٻاهرئين ملڪ مان پائليٽس جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پيون. ڪابينا ڊويزن جي مٿي ڄاڻايل سفارش تي مڪمل قانوني ڪارروائي کانپوءِ عملدرآمد ڪيو ويندو. وزيراعظم توشه خانه جي نظام ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ جي لاءِ توشه خانه ايڪٽ 2024ع تي نظرثاني جي لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وفاقي ڪابينا، ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي نيشنل سيڊ ڊيولپمينٽ اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا، ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائيمز ايڪٽ 2016ع جي ذميواري آءِ ٽي واري وزارت کان گهرو وزارت کي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان رولز آف بزنس 1973ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي اپيليٽ ٽربيونل جي فنانس ميمبر جي طور تي ڊاڪٽر عمار حبيب خان جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي نئين سر جوڙجڪ جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ ان عمل جي موثر نگراني جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم چيو ته پرائيم منسٽر ريليف پئڪيج مستحقين تائين پهچائڻ جي لاءِ نئين موثر حڪمت عملي ٺاهي وڃي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 6 جنوري 2025ع ۽ 17 جنوري 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.