اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر ترڪيه ۾ هوٽل ۾ باهه لڳڻ سبب جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ”ايڪس“ تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اتر ترڪيه ۾ ڪارتالڪيا سڪي ريزورٽ جي هڪ هوٽل ۾ باهه لڳڻ تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي پياري ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان، ترڪ قوم خاص طور تي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو جن جا پيارا هن واقعي ۾ فوت ٿي ويا آهن. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.