واشنگٽن- 21 جنوري (اي پي پي) آمريڪي سينيٽ اتفاق راءِ سان مارڪوروبيو جي پرڏيهي وزير طور مقرري جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن آمريڪي سينيٽ جي 99 ميمبرن صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪابينه جي نامزد اميدوارن جي توثيق ۾ ووٽ وڌو. 2011ع کان فلوريڊا رياست جي نمائندگي ڪندڙ مارڪو روبيو سينيٽ ۾ ووٽ وڌو. ووٽنگ بعد مارڪوروبيو صحافين کي ٻڌايو ته کيس اميد آهي ته هو اڄ صبح جو حلف کڻندو. 53 سالن جي مارڪوروبيو ڪيوبا جي پرڏيهي نسل مان آهي.