تائپي- 21 جنوري (اي پي پي) تائيوان ۾ 6.0 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا . پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي عرضيات کاتي جي سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زلزلي جو مرڪز ڏکڻ تائيوان جي ضلعي يوجنگ جي اتر ۾ 12 ڪلو ميٽر (7.5 ميل ) پري رڪارڊ ڪيو ويو.سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زلزلي سبب 27 ماڻهو زخمي ٿيا . مقامي اختيارين مطابق زلزلي سبب مٽي جي ڇپ ۽ گهرن جون ڇتون ڪري پيون آهن . تائيوان جي سينٽرل ويڌر ايڊمنسٽريشن ٻڌايو ته 50 کان وڌيڪ آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا آهن جنهن ۾ شروعاتي زلزلي جي شدت 6.4 ٻڌائي وئي آهي . نيشنل فائر ايجنسي ٻڌايو ته زلزلي سبب ڪيترن گهرن جون ڇتيون ڪري پيون ، جڏهن ته روڊ پٿرن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب بند ٿي ويا . تائيوان جي صحت واري وزارت به 27 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.