ماسڪو- 21 جنوري (اي پي پي) روس چيو آهي ته هو آمريڪا جي نئين انتظاميه سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، سڌي ريت رابطن بابت ڊونلڊ ٽرمپ جي خواهش جي آجيان ڪيون ٿا. پرڏيهي ميڊيا اها ڳالهه روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي هڪ بيان ۾ چئي آهي. ولاديمير پيوٽن چيو ته هو چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه سان گڏجي ڳالهين لاءِ تيار آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته اسان روس سان گڏجي سڌي ريت رابطن جي حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خواهش جي آجيان ڪريون ٿا. روس جي صدر چيو ته هو ٽئين عالمي جنگ کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت بابت آمريڪي صدر سان اتفاق ڪري ٿو.