اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي اقتصادي فورم 2025ع جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس روانو ٿي ويو. ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب 20 کان 24 جنوري تائين جاري رهندڙ عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت دوران مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن جي سياسي ۽ واپاري اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو. ناڻي وارو وزير دوري دوران مختلف مذاڪرن کي خطاب دوران ملڪ جي معاشي منظر نامي کي واضح ڪندو. هو فورم دوران اسرندڙ معيشتن تي عالمي قرضن جي وڌندڙ بار جي موضوع تي هڪ اعليٰ سطحي مذاڪري ۾ پينلسٽ طور شريڪ ٿيندو. ناڻي وارو وزير پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ مالياتي پاليسين ۾ تبديلي ۽ قرضن ۾ پائيداري ذريعي مضبوط ۽ لچڪدار معيشتن جي قيام تي نقطه نظر پيش ڪندو. وفاقي وزير فورم دوران واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ نئين ٽيڪنالاجيز خاص طور تي اي آءِ ۽ خودڪاري جي اثرن تي هڪ اعليٰ سطح جي مذاڪري ۾ پينلسٽ طور شريڪ ٿيندو. ناڻي وارو وزير ٽيڪنالاجيز جي استعمال جي درست ۽ منافعي بخش واپار ۽ سيڙپڪاري جي حصول لاءِ مختلف رخن تي خيالن جو اظهار ڪندو. دوري دوران ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سعودي عرب، مصر ۽ قطر جي وزيرن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. فورم ۾ شرڪت دوران ناڻي واري وزير جون عالمي مالياتي ۽ واپاري ادارن، پائيدار ترقي ۾ شريڪ عالمي تنظيمن ۽ سيڙپڪارن ۽ ڪمرشل بئنڪن خاص طور تي وچ اوڀر جي سيڙپڪاري بئنڪن جي اختيارين سان ملاقاتون به ٿينديون. ناڻي وارو وزير دوري دوران پاٿ فائنڊر گروپ جي انتظام هيٺ ڊجيٽل پاڪستان ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موضوعن تي ٻن ڌار مذاڪرن ۾ خاص طور شريڪ ٿيندو. وفاقي وزير محمد اورنگزيب دوري دوران چونڊيل عالمي ميڊيا جي نمائندن کي انٽرويوز به ڏيندو. عالمي اقتصادي فورم جو 55 هون ساليانو اجلاس اسمارٽ ٽيڪنالاجيز جي دور سان هم آهنگ رهڻ لاءِ سهڪار جي نعري تحت منعقد ٿي رهيو آهي. عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۽ حڪومتن جا سربراهه، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي جا اڳواڻ شريڪ ٿي رهيا آهن. نجي شعبي جا هڪ هزار کان وڌيڪ اعليٰ سطحي نمائندا، نوجوان اڳواڻ، سول سوسائٽي ۽ تعليمي ادارن جا نمائندا به فورم ۾ شريڪ ٿيندا. فورم ۾ حڪوتن ۽ وڏين عالمي تنظيمن ۽ ادارن وچ ۾ مختلف اقتصادي ۽ ترقياتي شعبن ۾ شراڪت ۽ عالمي سهڪار تي ٻڌل حل پيش ڪيا ويندا.