ڪراچي – 20 جنوري (اي پي پي) نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاءِ پهرين اڌام ڪراچي کان رواني ٿي وئي. پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 503 اٽڪل ڇائيتاليهه مسافرن کي کڻي 9 لڳي 50 منٽن تي رواني ٿي. پي آءِ اي جي ترجمان جهاز مقامي وقت مطابق 11 لڳي 15 منٽن تي نئين گوادر ايئرپورٽ تي پهرين ڪمرشل اڏام جي حيثيت سان لينڊ ڪيو. دفاع ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه آصف پهرين ڪمرشل اڏام جي آجيان ڪندو. افتتاحي اڏام کي واٽر ڪينن سان سلامي ڏني وئي.