لاهور- 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي تي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته سمورن رانديگرن خاص طور ساجد خان شاندار راند جو مظاهرو ڪيو آهي، سموري قوم کي پنهنجي ٽيم تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ مان جاري مبارڪن واري پيغام ۾ وزيراعظم قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ ٽيم مينيجمنٽ کي به خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته سمورن رانديگرن خاص طور تي ساجد خان شاندار راند جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ قوم کي ڪرڪيٽ ٽيم تي فخر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان اميد جو اظهار به ڪيو ته ڪاميابين جو اهو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو.