اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ کٽڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف بهترين راند پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پيغام ۾ صدر مملڪت اميد ظاهر ڪئي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم مستقبل ۾ به سٺي راند جو مظاهرو ڪندي. صدر مملڪت پنهنجي مبارڪن واري پيغام جي آخر ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مستقبل لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار به ڪيو.