لاهور-18 جنوري (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف سياست کي مذهب کان پري رکي، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ قانوني دفاع نه ڪري سگهيا ته مذهب ڪارڊ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، 190 ملين پائونڊ اوپن اينڊ شٽ ڪيس هو جنهن ۾ ڪو به قانوني جهول ناهي، پوري پي ٽي آءِ کي چئلينج آهي ته ٻڌائي 190 ملين پائونڊ جي رقم نيشنل ڪرائيم ايجنسي (اين سي اي) پاڪستان کي ناهي ڏني؟ ڇا اهو پئسو انهي شخص جي حوالي نه ڪيو ويو جنهن کان ضبط ڪيو ويو؟ اهي ماڻهو پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ سيرت کي ڍال بڻائي رهيا آهن. عالم سڳورن سان گڏ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس جو عدالتي فيصلو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم ترين فيصلو آهي،190 ملين پائونڊ اوپن اينڊ شٽ ڪيس هو جنهن ۾ ڪو به ابهام ۽ قانوني جهول ناهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏا وڏا ڪيس آيا پر اهڙي طرح جو ڪليئر ڪٽ ڪيس اسان پهرين ڪڏهن به ناهي ڏٺو، ان ڪيس ۾ ثبوتن جي بنياد تي سزا ٿي، ڪيس جي حوالي سان ڪجهه دستاويز به سامهون آيا آهن، پي ٽي آءِ دور ۾ شهزاد اڪبر جي سربراهي ۾ ايسٽ رڪوري يونٽ ٺهيو جنهن 2020ع ۾ هڪ خط ۾ چيو ته پاڪستان حڪومت کي هي رقم وصول ڪري ڏئي ڇڏي آهي، ان وقت جي ڪابينا کان بند لفافي ۾ منظوري ورتي وئي ۽ اها رقم انهي شخص کي واپس ڪئي وئي جنهن کان ضبط ڪئي وئي هئي. هن چيو ته هي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌاڙو آهي، ان ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شريڪ جوابدارن کي سزا ملي آهي. هن چيو ته اها ڳالهه طئي ٿيل آهي ته اين سي اي اهو پئسو ضبط ڪري پاڪستان جي حڪومت کي ڏنو ڇاڪاڻ ته اهو پاڪستان جي عوام جو پئسو هو. هن چيو ته اها رقم پاڪستان حڪومت کي ان لاءِ ڏني وئي هئي ته پاڪستان جي ڀلائي، ترقي، تعليم، صحت، روڊن ۽ صاف پاڻي لاءِ خرچ ڪئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ سندس گهرواريءَ ان پئسي جي عيوض پنج قيراط جون منڊيون گهريون، زمان پارڪ ۾ 25 ڪروڙ روپين جو گهر ورتو۔ هن چيو ته هر شخص جو آمدني جو ذريعو هوندو آهي، اهو ٻڌايو وڃي ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جو آمدني جو ذريعو ڪهڙو آهي؟ هن وٽ ڪهڙي آمدني هئي جنهن مان هن زمان پارڪ لاهور ۾ 25 ڪروڙ روپين جو گهر ٺاهيو، 200 ڪينال زمين خريد ڪئي. هن چيو ته نيشنل ڪرائيم ايجنسي(اين سي اي) برطانيه جو مشهور تحقيقاتي ادارو آهي جنهن اها رقم پاڪستان جي حوالي ڪئي جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين رشوت وٺي اهو ئي پئسو انهي شخص حوالي ڪيو جنهن کان ضبط ڪيو ويو هو. هن وٽ ڪو به قانوني جواز ناهي، جڏهن کيس ڪا شيءَ سمجهه ۾ نه آئي ته چيو ويو ته سيرت تي هلڻ جي سزا ڏني وئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ اهو ڪيس سياسي طور تي وڙهيو ان ۾ ڪو ليگل ڊفينس نه آهي. زال مڙس هڪ فراڊ ٽرسٽ ٺاهي، هاڻي چئي رهيا آهن ته القادر يونيورسٽي ۾ سيرت جا ڪلاس پڙهايا ويندا آهن، اهي هر ڳالهه ۾ مذهب کي کڻي ايندا آهن. هن چيو ته مسجد نبوي ۾ ادب جو خيال رکيو ويندو آهي، عقيدت ۾ اتي وڏا آواز ۾ ڳالهه نه ڪئي ويندي آهي، هن اتي شاهه زين بگٽي جا وار پٽيا، مريم اورنگزيب جو گهيراءُ ڪري نعرا هنيا، اهي عمري لاءِ به وڃن ٿا ته پارٽي جا جهنڊا گڏ کڻي ويندا آهن. هن چيو ته عليمه خان جو چوڻ آهي ته 190 ملين پائونڊ نه پر هي القادر ٽرسٽ ڪيس آهي، اهو به مذهبي ٽچ آهي ته نالو به القادر ٽرسٽ چيو ۽ سڏيو وڃي، انهن جا ڏوهه سڄي دنيا جي سامهون اچي چڪا آهن، پوري دنيا کين ڏسي چڪي آهي. هن چيو ته پنج قيراط جون منڊيون گهرڻ، 25 ڪروڙ جو گهر ٺاهي وٺڻ، 28 ڪروڙ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ، اربين روپين جو فائدو ڏيڻ، ان تي پوري پي ٽي آءِ کي چئلينج آهي ته ڇا اين سي اي اهو پئسو پاڪستان حڪومت جي حوالي سان ڪيو يا نه؟ ڇا اهو پئسو ضبط ڪري ڏنو ويو يا نه؟ ڇا ڪابينا ۾ بند لفافو پيش ڪيو ويو يا نه؟ جڏهن ڪابينا ۾ بند لفافو پيش ڪيو ويو ته عمران خان پاڻ چيو ته ناهي کولڻو، فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري چيو ته اهو لفافو کوليون، مراد سعيد به سوال اٿاريا پر اهو بند لفافو کولڻ نه ڏنو ويو، لڪائيندا ان شيءَ کي آهن جنهن ۾ ڪجهه ڳڙٻڙ هوندي آهي. هن بند لفافي تحت اهو پئسو سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ ڪنهن ٻي ڏنڊ جي مد ۾ ادا ڪيا، سپريم ڪورٽ جو آرڊر موجود آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اوهان غير قانوني عمل ڪيو آهي، اوهان وٽ ڪو قانوني جواز آهي؟ هن چيو ته ايتري وڏي رقم کڻي ان شخص جي حوالي ڪئي وئي جنهن کان ضبط ڪئي وئي هئي، ڇا اهو شخص ايتري سگهه رکي ٿو ته هو پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ سندس گهرواريءَ کانسواءِ اهو پئسو پنهنجي نالي ڪرائي وٺي ها. ڇا ڪابينا جي ان فيصلي تحت پاڪستان حڪومت کي نقصان ٿيو؟ جواب آهي ها. ملڪ رياض کي فائدو ٿيو؟ جواب آهي ها!، ته ڪرپشن، رشوت ۽ ڌاڙو ثابت آهي، اوهان جا هٿ رشوت ۾ رڱيل آهن. وفاقي وزير چيو ته هڪ الزام کان انڪار ڪرڻ لاءِ سيرت ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو نالو وٺڻ جائز ناهي، ڇا چوري جي پئسي مان مسجد يا مدرسه تعمير ڪرائڻ جائز آهي؟ صادق ۽ امين جي دعويدار جو اصل چهرو قوم جي سامهون اچي چڪو آهي. اڳوڻي وزيراعظم جي ڪرپشن، ڌاڙي ۽ هيراڦيري جون پوري دنيا ۾ هيڊ لائنز لڳل آهن جڏهن ته هتي مذهب جو ڪارڊ کيڏي رهيا آهن. هن چيو ته مذهب گهڻو مقدس آهي جڏهن ته سياست ايتري مقدس ناهي، اوهان ڪوڙ، منافقت، ڪرپشن ۽ ڌاڙي کي لڪائڻ لاءِ مذهب جو سهارو وٺي رهيا آهيو، اسان جو مطالبو آهي ته مذهب کي وچ ۾ نه آڻيو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته القادر يونيورسٽي حڪومت جي تحويل ۾ ڏني وئي آهي، هاڻي ان بابت ڏسڻو آهي ته ان کي ڪهڙي سطح تي وٺي وڃڻو آهي، هتي ڪيئن اعليٰ تعليم ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ ڀڳوڙا آهن، انهن جي واپسي لاءِ قانوني ٽيم ڪم ڪري رهي آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ دور جا باقي ڪابينا جا ميمبر ڇو ملوث ناهن؟ فواد چوڌري ملڪ رياض کان نه منڊي ورتي، نه فائدو ورتو نه شيرين مزاري اهو ڪم ڪيو جن ماڻهن رشوت ۽ فائدا ورتا انهن ئي فراڊ ٽرسٽ ٺاهي، پهرين ان ٽرسٽ ڊيڊ تي زلفي بخاري جو نالو هو پوءِ زال مڙس جو نالو اچي ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته جيڪا اپيل پهرين آئي ان تي پهرين ڪارروائي ٿيڻ گهرجي اهو نٿو ٿي سگهي ته عام ماڻهو جون اپيلون سالن کان پيل رهن ۽ وي وي آءِ پيز جون اپيلون پهرين ٻڌيون وڃن. هن چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پراسيڪيوشن ثبوت پيش ڪيا آهن، ڊفينس ڪائونسل ڪو ثبوت ۽ قانوني جواز فراهم نٿي ڪري سگهي. اپيل لاءِ به ان وٽ ڪو جواز يا ثبوت ناهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پراپرٽي ٽائيڪون کي جيڪو ڏنڊ لڳو آهي ان کي ان رقم مان ادا ڪيو پئي ويو، ان فيصلي کانپوءِ اها رقم ڏنڊ ادا ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿي سگهندي، هاڻي پرائيويٽ پارٽي ڄاڻي ۽ عدالت، سرڪار جو ڪم اهو هو ته سرڪار جو پئسو قومي خزاني ۾ واپس اچي ۽ جيڪو عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ استعمال ٿيندو. توشاخانه ڪيس جي حوالي سان هن چيو ته توشاخانه جا تحفا ڪجهه رقم جي ادائيگي ڪري تحفا پنهنجي استعمال ۾ رکي سگهجن ٿا پر اهي تحفا وڪرو نٿا ڪري سگهجن پر ذاتي استعمال ۾ رکي سگجهن ٿا. پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ سندس گهرواريءَ توشاخانه مان تحفا کڻي مارڪيٽ ويليو کان ڏهوڻ تي وڌيڪ وڪرو ڪيا، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياستدانن کي گڏجي ويهي طئي ڪرڻو پوندو ته اسان پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ مذهب کي استعمال نه ڪنداسين. ڳالهين جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڳالهين جو قطئي مقصد ڊيل يا اين آر او نه هو، ان جو مقصد سياسي استحڪام هو، پي ٽي آءِ 26 هين آئيني ترميم تي اسان جو ساٿ ڏنو، ان جي چوڻ تي 26 هين آئيني ترميم ۾ ڪيتريون ئي شقون ڪڍيون ويون. هن چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو سلسلو بهتر طريقي سان جاري آهي، مسئلا ڳالهين سان ئي حل ٿيندا آهن، اين آر او يا ڊيل لاءِ ڪي ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن. ان موقعي تي عالم سڳورن چيو ته ڪنهن جو پئسو ڦرُي يونيورسٽي نٿي ٺاهي سگهجي، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ ڪرپشن واضح آهي، ڪرپشن تي اسلام جو ليبل نٿو لڳائي سگهجي. اسلام، دين ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ذات پاڪ مقدس آهي، ان تي اسان جو ايمان آهي، پاڪستان غيور قوم آهي، مسلمان پنهنجو سڀ ڪجهه الله ۽ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي نالي تي پيش ڪن ٿا. هن چيو ته اوهان پنهنجي سياست ڪريو، اوهان کي سيات جو پورو حق حاصل آهي پر سياست جي آڙ ۾ پنهنجي چوري تي رياست مدينه جو نالو نه وٺو. پاڪستاني قوم ۽ مسلمان ڪڏهن به اهو حق نه ڏيندا ته پنهنجي چوري تي رياست مدينه جو نالو وٺو.