لاهور-18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر، ڊجيٽلائزيشن اختيار ڪرڻ، نيون ڊجيٽل سرگرميون ۽ روانگي واپار جو ڊجيٽل سروسز تي ٻڌل فريم ورڪ سڌي ريت سيڙپڪاري لاءِ راغب ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا، جيڪي ملڪ ۾ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي ڏانهن هڪ انتهائي اهم سنگ ميل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ورلڊ اڪنامڪ فورم ۽ ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائزيشن جي گڏيل ڊجيٽل فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ انيشيئيٽو جو حصو بڻجڻ جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان هاڻي ورلڊ اڪنامڪ فورم تحت ڊجيٽل فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ انيشيئيٽو کي اختيار ڪندڙ پهريون ملڪ آهي، پاڪستان جو پهريون ڊجيٽل ايف ڊي آءِ پراجيڪٽ هدفن جي نشاندهي سان ڊجيٽل ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم ڪوشش ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته منصوبي تحت ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر، ڊجيٽلائزيشن کي اختيار ڪرڻ، نيون ڊجيٽل سرگرميون اختيار ڪرڻ ۽ روانگي واپار جو ڊيجيٽل سروسز تي ٻڌل هڪ فريم ورڪ آهي جيڪو انهن شعبن تي ڌيان ڏيندو جيڪي سڌي ريت سيڙپڪاري لاءِ راغب ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا، ملڪ ۾ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي ڏانهن هڪ انتهائي اهم سنگ ميل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جامع ڊجيٽل معيشت ڏانهن وڌي رهيو آهي جيڪو پائيدار ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن هڪ قدم آهي، اهي قدم معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي عزم کي ظاهر ڪن ٿا.