واشنگٽن-16 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن وائيٽ هائوس کي پنهنجي الوداعي خطاب ۾ نئين چونڊيل صدر ٽرمپ جي قيادت ۾ ايلون مسڪ ۽ مارڪ زڪربرگ جهڙين وڏين ٽيڪ ڪمپنين جي سربراهن جي ڳٺ جوڙ کي آمريڪا ۾ جمهوريت، بنيادي حقن ۽ آزادي لاءِ خطرو قرار ڏيندي آمريڪي شهرين کي ان ٽيڪ انڊسٽريل ڪامپليڪس جي بي لغام طاقت کان خبردار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۾ ٽيڪ انڊسٽريل ڪامپليڪس کي آمريڪي عوام تي بي لغام طاقت حاصل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اڄ آمريڪا ۾ انتهائي دولت، طاقت ۽ اثر رسوخ رکندڙ امير طبقي جي اقتدار جي جوڙجڪ ٿي رهي آهي جيڪا اسان جي پوري جمهوريت، اسان جي بنيادي حقن ۽ آزادي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته سندس چئن سالن واري اقتدار جي دور جا فائدا محسوس ڪرڻ ۾ وقت لڳي سگهي ٿو پر هي ان دور ۾ آمريڪي شهرين جي مستقبل لاءِ ٻج پوکيا ويا آهن. هن ارب پتي ٽرمپ جي دنيا جي امير ترين ماڻهو ايلون مسڪ ۽ ٻين ٽيڪ ٽائيڪونز جي ويجهن لاڳاپن جو حوالو ڏيندي خبردار ڪيو ته تمام گهٽ دولت مند ماڻهن جي هٿن ۾ طاقت جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. ان موقعي تي صدر جوبائيڊن سوشل ميڊيا فرمون تي غلط معلومات پکيڙڻ جو الزام لڳائيندي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته آزاد پريس تباهه ٿي رهي آهي، ايڊيٽرز غائب ٿي رهيا آهن، سوشل ميڊيا حقيقتن جي جاچ ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، طاقت ۽ منافعي لاءِ ڳالهايل ڪوڙ سچائي کي پنهنجي چنبي ۾ آڻي ڇڏيو آهي. هن 1961ع ۾ صدر آئزن هاور طرفان جاري ڪيل هڪ سخت تنبيهه کي به ورجايو جيڪا فوجي صنعتي ڪامپليڪس جي ڪنٽرول کان ٻاهر هجڻ جي خطرن جي باري ۾ هئي. ٽرمپ طرفان گلوبل وارمنگ کي گهٽ ڪرڻ جي آمريڪي واعدن جي واپس وٺڻ جي منصوبابندي جو ذڪر ڪندي صدر جوبائيڊن خبردار ڪيو ته طاقتور قوتن ان جي آبهوا ۾ تبديلين جي حوالي سان حاصل ڪيل ڪاميابين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن مصنوعي ذهانت جي عروج کان خبردار ڪندي چيو ته ان ٽيڪنالاجي تي آمريڪا کي چين تي برتري حاصل ڪرڻ گهرجي. صدر جوبائيڊن ان موقعي تي پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي ڳلي لڳايو. آمريڪا ۾ ڪرايل سروي جي رپورٽن موجب پنهنجي حڪومتي دور جي خاتمي تي صدر جوبائيڊن جي آمريڪي عوام ۾ مقبوليت گهٽجي 36 سيڪڙو رهجي وئي آهي.