برسلز-16 جنوري (اي پي پي) بيلجيئم ۾ پاڪستاني ناظم الامور فراز زيدي يورپي پارليامانيٽ جي ڊپلوميٽڪ سروس ”يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس“ (اي اي اي ايس) جي ايشيا ڊويزن جي سربراهه ڊيرن دريا سان ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ايڪس تي پوسٽ موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ موجوده ۽ پيش ايندڙ مصروفيتن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ ناتن کي وڌيڪ تقويت ڏيڻ جي طريقن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.