اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران ٻڌايو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ بي ضابطگين جا 8747 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، تنهن هوندي به هن وضاحت ڪئي ته انهن بي ضابطگين سبب ڪو مالي نقصان ناهي ٿيو ڇاڪاڻ ته انهن سمورن ڪيسن ۾ رڪوري ڪئي وئي آهي. سينيٽر حاجي هدايت الله ۽ سينيٽر دنيش ڪمار جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ان پروگرام تحت 14 ڪروڙ روپيا غلط ورهايا ويا هئا، پر اها رقم واپس ورتي وئي آهي. قانون واري وزير چيو ته گذريل سالن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي صاف ۽ شفاف طريقي سان اربين روپيا غريب ماڻهن ۾ ورهايا ويا آهن، جنهن سان لکين خاندانن کي مالي امداد ملي. هن چيو ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مالي گهپلن تي ايڪشن کنيو ويو، گذريل پنجن سالن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 14 ڪروڙ کان وڌيڪ جو گهپلو ٿيو، اٽڪل 7 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم واپس ڪرائي وئي، اعظم نذير تارڙ چيو ته 12 يا 14 سئو ارب روپيا ورهائڻ دوران 14 ڪروڙن جو گهپلو ايترو وڏو مسئلو ناهي، ان ۾ سستي به ٿي آهي، ايتري وڏي رقم جي ڀيٽ ۾ 14 ڪروڙ جي رقم جي شرح انتهائي گهٽ آهي.