راولپنڊي-15 جنوري (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ ڳجهي اطلاع تي ٻڌل آپريشن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 خوارجي ماري ڇڏيا. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب سيڪيورٽي فورسز 14 ۽ 15 جنوري جي وچ واري رات تي خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي اتر وزيرستان جي علائقي سپين وام ۾ ڳجهو آپريشن ڪيو. آپريشن دوران فوجي جوانن خوارجين جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان گهيري ۾ آندو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 خوارجي مارجي ويا. مارجي ويل خوارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ آيو، جيڪي سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين سان گڏوگڏ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به سرگرم رهيا. علائقي ۾ ڪنهن ٻي خوارجي جي موجودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي، پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.