اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان اسلام آباد ۾ ڇوڪرين جي تعليم بابت ڪانفرنس جي موقعي تي افغانستان ۾ گڏيل قومن جي امدادي مشن جي سربراهه ۽ افغانستان بابت سيڪريٽري جنرل جي خصوصي نمائندي روزا اوتن بائيفا ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڌرين افغانستان بابت اڳڀرائي ۽ ملڪ جي انساني چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.