راجڪوٽ -13 جنوري(اي پي پي) ڀارت ۽ آئرلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ 15 جنوري تي راجڪوٽ ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ڀارت جي وومين ٽيم کي مهمان آئر لينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي ڪاميابي حاصل آهي. ڀارت جي وومين ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ مهمان آئر لينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم کي 6 وڪيٽن تان هارايو، ٻي ون ڊي ميچ ۾ 116 رنسن تان هارايو هيو. آئر لينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه ڀارت جي دوري تي آهي جتي ان ٽيم جي ميزبان وومين ٽيم سان ٽن ون ڊي انٽر نيشنل ميچن جي سيريز جاري آهي. جنهن جون ٻه ميچون کيڏجي چڪيون آهن. سيريز جون ٽئي ميچون راجڪوٽ ۾ کيڏيون وينديون.