ميلبورن -13 جنوري (اي پي پي) يونان جي مشهور ٽينس اسٽار اسٽيفانوس سيٽسيپاس آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي شروعاتي رائونڊ ۾ اپ سيٽ شڪست بعد ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويو . 20 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار رانديگر ايلڪس ٽي مشيلسن مردن جي سنگلز مقابلن جي پهرين رائونڊ ۾ يونان جي مشهور ٽينس اسٽار اسٽيفانوس سيٽسيپاس کي نه رڳو شڪست ڏني پر ميگا کيس ايونٽ جي ڪامياب شروعات ڪندي ٻئي رائونڊ ۾ پهچي ويو. گذريل ڏينهن آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ 20 سالن جي آمريڪي ٽينس رانديگر ايلڪس ٽي مشيلسن بهترين راند پيش ڪندي مخالف يونان جي مشهور ٽينس اسٽار اسٽيفانوس سيٽسيپاس کي 5-7، 3-6 ، 6-2، ۽ 4-6 تان هارائي نه رڳو ميگا اينٽ مان ٻاهر ڪيو پر ميگا ايونٽ جي ڪامياب شرعات ڪندي ٻئي رائونڊ لاءِ به ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.