اسلام آباد- 12 جنوري (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينئر صحافي جاويد شهزاد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ مرحوم جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي وزير چيو ته جاويد شهزاد جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، مرحوم جون صحافت جي شعبي ۾ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، هن چيو ته ڏکويل ڪٽنب جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفرودس ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.