اسلام آباد- 12 جنوري (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سينئر صحافي جاويد شهزاد جي اوچتي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مرحوم جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته جاويد شهزاد جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو آهي. جاويد شهزاد صحافتي برادري ۾ باوقار شخصيت طور سڃاتو ويندو هو ان جي لاڏاڻي سان دلي صدمو پهتو آهي. مبشر حسن چيو ته جاويد شهزاد جون صحافت جي شعبي لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.