اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين انهن خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ٻن مختلف ڪاررواين ۾ فتنه الخوارج جي 9 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي لاڳاپيل آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين انهن خلاف جنگ جاري رکنداسين. هن چيو ته دهشتگردي جي هن جنگ ۾ مون سميت پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ اهلڪار پنهنجو سر تري تي رکي ملڪ جي سلامتي لاءِ ڏينهن رات قربانيون ڏئي رهيا آهن. پوري پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر فوج کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.