ڪلينڊ -09 جنوري(اي پي پي) فرانس جي مشهور ٽينس اسٽار گيل مونفلس اي ٽي پي ٽور جي ايونٽ اي ايس بي ڪلاسڪ ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويو آهي. اي ٽي پي ٽينس ٽورنامينٽ نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ مداحن کي ٽينس جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. 38 سالن جو فرانس جو ٽينس اسٽار گيل مونفلس مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ ارجنٽائن جي مخالف رانديگر فيڪونڊو ڊياز ڪوسٽا کي شڪست ڏني. نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ جي اي ايس بي ٽينس سينٽر ۾ کيڏجندڙ اي ٽي پي ايونٽ ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ گيل مونفلس شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ارجنٽائن جي ٽينس رانديگر فيڪونڊو ڊياز ڪوسٽا کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 3-6 ۽ 1-6 تان هارائي ڇڏيو.