هوبارٽ _ 09 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي ٽينس اسٽار ميڪ ڪارٽني ڪيسلر ڊبليو ٽي اي ٽور جي ايونٽ اي ايس بي ڪلاسڪ ٽينس ٽورنامنٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ پهچي وئي. 25 سالن جي ميڪ ڪارٽني ڪيسلر عورتن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ميچ ۾ يوڪرين جي مخالف رانديگرياڻي ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ڊيانا اوليڪسينڊر يونا ياسٽريمسڪا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. هلندڙ سال جي پهرين گرينڊ سلام کان اڳ ڊبليو ٽي اي ٽينس ٽورنامنٽ آسٽريليا جي شهر هوبارٽ ۾ جاري آهي جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.