ممبئي _09 جنوري (اي پي پي) آئرلينڊ ۽ ڀارت جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 10 جنوري جمعي تي کيڏي ويندي. آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ۾ موجود آهي، جتي ميزبان وومين ٽيم سان ٽي ون ڊي انٽر نيشنل ميچون کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 12 جنوري ۽ ٽئين ۽ آخري 15 جنوري تي کيڏي ويندي، سيريز جون ٽئي ميچون راجڪوٽ ۾ کيڏيون وينديون.