ڪراچي-03 جنوري (اي پي پي)توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت مقامي ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ واضح هدايتون ڏنيون آهن ۽ صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر ۽ وڏي وزير پاران ٿر ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ڪميٽي ۾ ٿرڪول متاثرن جي نمائندن کي شامل ڪيو ويندو.اهڙو اظهار هن ٿر ڪول متاثرن جي وفد سان سندس آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو، ٿرڪول متاثرن جي وفد ۾ ڀيمراج، ليلارام ۽ ٻيا شامل هئا۔ متاثرن سيد ناصر شاهه کي پنهنجن مطالبن ۽ مشڪلاتن، روزگار، پاڻي ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي سيد ناصر شاهه مقامي انتظاميا کي متاثرن جا جائز مطالبا فوري طور حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ٿر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڀرپور سهڪار ڪري رهي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي پاران مقامي ماڻهن لاءِ تربيتي پروگرام پڻ شروع ڪيا پيا وڃن.