ڪراچي-03 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ھڪ ڀيرو ٻيھر ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي ۾ پيش ايندڙ رنڊڪن جي جلد کان جلد خاتمي ۽ ڪم ۾ تيزي آڻڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آھن. اهڙا حڪم هن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيا۔سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ايئرپورٽ وٽ ڪم شروع ڪرڻ جي حوالي سان سول ايوي ايشن جي اختيارين سان به رابطي جون ھدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ ڪي فور منصوبي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي بنيادي ڍانچي جي ايڊجسٽمينٽ کي منصوبي ۾ دير جو وڏو ڪارڻ قرار ڏنو. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي رٿا ۾ وڌيڪ دير قبولڻ جوڳي ناھي، اسان کي ٽائيم لائن کان اڳ ڪم مڪمل ڪرڻو پوندو، تعميراتي ڪم ۾ تيزي آڻڻ لاءِ ٽن شفٽن صبح، شام ۽ رات ۾ ڪم ڪيو وڃي، ان ڳالھ کي يقيني بڻايو وڃي ته منصوبي تي ڪم 24 ڪلاڪ جاري رھي. ھن چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ڪراچي جي لاءِ ھڪ فليگ شپ منصوبو آھي، ريڊ لائن بي آر ٽي جو مقصد، جديد، اثرائتو ۽ ماحول دوست ماس ٽرانزٽ سسٽم فراھم ڪري ڪراچي جي ٽرانسپورٽ نظام ۾ انقلاب آڻڻ آھي. سندس وڌيڪ چوڻ ھو ته رٿا جي مڪمل ٿيڻ تي ريڊ لائن بي آر ٽي ذريعي روزانو ھزارين مسافرن کي سھولت ملي سگھندي.اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن ۽ مسئلن جي فوري حل لاءِ تفصيلي گفتگو ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پاڻي جي سپلاءِ لائنن، ڪي اليڪٽرڪ، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽڊ جي تنصيبات سميت يوٽيلٽيز جي منتقلي سبب منصوبي ۾ ٿيندڙ دير تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ لاٽ ون ۽ لاٽ ٽو ۾ جاري تعميراتي ڪمن جو به جائزو ورتو ويو ۽ منصوبي جي ڪانٽريڪٽرز ڪم ۾ اڳڀرائي بابت آگاھي ڏني. اجلاس جي موقعي تي ٽرانس ڪراچي جي سي اي او طارق منظور چانڊيو عملدرآمد ۾ درپيش چيلنجز جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ چيو ته يوٽيلٽي پروائيڊرز پاران ري لوڪيشن جي حوالي سان جوڳا قدم نه کنيا ويا آھن. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران سمورن اسٽيڪ ھولڊرز کي مسئلا حل ڪرڻ ۽ بنا ڪنھن رنڊڪ جي اڳڀرائي يقيني بڻائڻ لاءِ پنجن ڏينھن جي سخت ڊيڊ لائن ڏني وئي.اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، رٿابندي ۽ ترقي واري چيئرمين نجم شاھ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سي اي او ٽرانس ڪراچي طارق منظور چانڊيو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز چيما ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جو للائڊ رائيٽ ۽ بين الاقوامي ڪنسلٽنٽس آن لائن شريڪ ٿيا.