سکر – 17 ڊسمبر(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته سنڌ حڪومت جي پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام وقت کان اڳ نتيجا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن ان سلسلي ۾ سکر آئي بي اي، مھراڻ يونيورسٽي، اين اي ڊي يونيورسٽين مان گريجوئيشن ڪندڙ پھرين 1714 شاگردن ۽ شاگردياڻين آن لائين روزگار ڪمائڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ سکر آئي بي اي ۾ پنجين بلاڪ جي افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪيو. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ سکر آئي بي اي پھتو ته روبوٽ سندن آجيان ڪئي. تقريب ۾ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاھ ، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ، وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن مڪيش ڪمار چاولا، ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ ، وائيس چانسلر سکر آئي بي اي پروفيسر ڊاڪٽر آصف شيخ ۽ سنڌ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعليٰ سنڌ ٻڌايو ته صوبائي حڪومت پي آئي ٽي پي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا مختص ڪري ڇڏيا آھن ، اها فنڊنگ پوري صوبي ۾ خدمتون ڏيندڙ ٽن يونيورسٽين اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ، مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ سکر آئي بي اي يونيورسٽين کي ڏني وئي آھي ، هي پروگرام سنڌ جي 13,400 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي عالمي طور جاب مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تربيت ڏئي رھيو آھي. تربيتي ماڊيول وقت کان اڳ ئي پنھنجا اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن. پھرين بيچ جي ٻارڙن تربيت مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آن لائن ڪمائڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي. مون شاگردن ۽ شاگردياڻين جي آمدني جو ريڪارڊ رکڻ تي زور ڀريو آھي ته جيئن اسان کي پنھنجي ڪاميابي جو اندازو ٿي سگهي. سيد مراد علي شاھ سکر آئي بي اي جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته سکر آئي بي اي جي شروعات ٻن ڪمرن جي عمارت کان ٿي ، ھاڻي ھيءَ يونيورسٽي پاڪستان جي مڃيل يونيورسٽين مان ھڪ آھي. سکر آئي بي اي ٻيون به ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻيون آھن ، سکر آئي بي اي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون سنڌ حڪومت کان بہ ڪمائي رھيا آھن ، ھن ڀيري سکر آئي بي اي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ورتي ، ھيٺين گريڊ وارين ڀرتين جي لاءِ ٽيسٽ بہ سکر آئي بي اي ڪرائي ٿي، جاب پورٽل پڻ ٺھي ويو آهي ۽ ان کي سينٽرلائيزڊ ڪيو ويو آهي. مراد علي شاھ ان يقين جو اظھار ڪيو ته ھي شفاف نظام ھوندو، جنھن تي ڪنھن کي آڱر نه کڻڻي پوندي. وزير اعلي سنڌ خاطري ڪرائي ته نوجوان اسان جو مستقبل آھن ، انھن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏينداسين ، آخر ۾ ھن سکر آئي بي اي جي انتظاميا کي مبارڪ باد ڏني ۽ اھو به ٻڌايو ته ھو 24 ڊسمبر 2024 تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏجي ٻيھر ايندو.