ڪراچي – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو آهي ته يونيورسٽين جي سربراهن کي اڪيلي سر يونيورسٽين کي ملازمن جي سهڪار کانسواءِ هلائڻ واري سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي آفيسرس ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته يونيورسٽين جي سربراهن کي پنهنجي اها سوچ تبديل ڪرڻي پوندي ته صرف هو ئي يونيورسٽين کي ملازمن جي سهڪار کانسواءِ هلائي سگهن ٿا. اهڙي سوچ بدران کين استادن، آفيسرن ۽ ٻين ملازمن کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي، انهن جي عزت ۽ احترام کي يقيني بڻائڻ گهرجي، انهن کي اهم مختلف سرگرمين ۽ فيصلن ۾ شامل ڪرڻ ۽ انهن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ڪنهن به يونيورسٽيءَ جا ٽي اسٽيڪ هولڊرس هوندا آهن، جهڙوڪ فيڪلٽي، آفيسر ۽ ٻيا ملازم، ۽ انهن ٽنهي جي گڏجي ۽ هم آهنگيءَ سان ڪم ڪرڻ جو فائدو آخرڪار شاگردن کي ٿيندو آهي ۽ اهو فخر سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي جا شاگرد پنهنجي ڪارڪردگي، ذميواري، نظم و ضبط، رويي ۽ سوچ ۾ ٻين يونيورسٽين جي شاگردن کان تمام گهڻا بهتر آهن. جڏهن ته ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي صدر آصف حسين سمون چيو ته يونيورسٽين جي استادن ۽ آفيسرس جي ايسوسيئيشنس کي هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ گهرجي. ان سان گڏ انهن کي پنهنجي پنهنجي يونيورسٽيءَ جي ترقي ۽ ملازمن جي حقن لاءِ ڊگهي مدي وارا اهداف طئي ڪرڻ جو ڪلچر متعارف ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته يونيورسٽين جي استادن جي ايسوسيئيشس کي ادارن ۽ ملازمن جي وڏن مقصدن لاءِ ننڍيون شيون ڇڏڻ گهرجن. آصف حسين سمون سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ، انهن کي ڪم ڪرڻ لاءِ بهترين ماحول فراهم ڪرڻ تي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اهڙي قيادت ۽ پاليسين سان ادارا ڪامياب ٿيندا آهن ۽ ملازمن جي بهتري پڻ ٿيندي آهي. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي آفيسرس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر عبدالوحيد جتوئي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي آفيسرن جو ٿورو مڃيو، جن کين بنا مقابلي چونڊيو. هن يونيورسٽيءَ جي ترقي لاءِ وڌيڪ ذميواري سان ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو. سنڌ جي يونيورسٽين جي آفيسرس ايسوسيئيشن جي چيئرمين سجاد علي شاهه چيو ته سنڌ جي اڪثر يونيورسٽين ۾ ڏٺو ويو آهي ته اڪثر وائس چانسلر ”ورهايو ۽ راڄ ڪريو“ واري پاليسي تي هلندا آهن پر هتي سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر مجيب صحرائي سمورن ملازمن جي تنظيمن کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي گڏجي ۽ بهترين ماحول ۽ روين سان يونيورسٽيءَ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪا هڪ بهترين روايت آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ جا ٻيا وائس چانسلر به ان مثال تي عمل ڪن ته سندن يونيورسٽين ۾ ملازمن جي احتجاج جي ضرورت ئي نه پوندي. تقريب کي آفيسرس ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين ممتاز علي سومرو ۽ جنرل سيڪريٽري مشتاق احمد گوپانگ پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ ۾ يونيورسٽي جي ڊين ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ آفيسرس ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻايو. تقريب ۾ سنڌي يونيورسٽي، ڄامشوري، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس، ڊائو يونيورسٽي ڪراچي، اين اي ڊي يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۽ ٻين پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين جي آفيسرس ايسوسيئيشنس جي نمائندن مختلف تعليمي ۽ انتظامي کاتن جي سربراهن، استادن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي، تقريب جي آخر ۾ مهمانن کي سووينئر پڻ ڏنا ويا.