اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي اهتمام هيٺ چيمپئينز ٽي – 20 ڪپ 2024ع جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا راولپنڊي ۾ جاري آهن. اي بي ايل اسٽالينز ۽ نورپور لائنز وچ ۾ چيمپئينز ٽي – 20 ڪپ 2024 ع ۾ 17 ڊسمبر تي واحد ميچ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي اهتمام هيٺ چيمپئينز ٽي 20- ڪپ 2024ع ۾ اي بي ايل اسٽالينز ۽ نورپور لائنز وچ ۾ واحد ميچ اڄ اڱاري تي کيڏي ويندي. اها چيمپئينز ٽي – 20 ڪپ 2024 جي 14 هين ميچ هوندي. اي بي ايل اسٽالينز جي ٽيم وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد حارث جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي. اي بي ايل اسٽالينز جي ٽيم 5 ميچن مان 4 ميچون کيڏي چڪي آهي ۽ رڳو هڪ ميچ ۾ شڪست ٿي اٿس. هوڏانهن نورپور لائنز جي اڳواڻي ڀلوڙ بيٽسمين امام الحق ڪري رهيو آهي . ان ٽيم به 5 ميچن مان 2 ۾ ڪاميابي ماڻي آهي ۽ 03 ميچن ۾ شڪست ملي آهي. واضح رهي ته چيمپئينز ٽي – 20 ڪپ 2024 جو فائينل 25 ڊسمبر تي کيڏيو ويندو.