هراري- 27 نومبر (اي پي پي)پاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن، ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ فيصلائتي ون ميچ 28 نومبر تي ڪوئنز اسپورٽس ڪلب بلاوائيو ۾ کيڏي ويندي . ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي. ميزبان زمبابوي ٽيم پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان جي ٽيم کي 80 رنسن تان هارايو هيو جڏهن ته ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيم زمبابوي کي نه رڳو 10 وڪيٽن تان هارايو پر ٽن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم زمبابوي خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کانسواءِ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز به کيڏندي. ميزبان اسڪواڊ جي اڳواڻي ارون ڪريگ جڏهن ته مهمان پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي محمد رضوان ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ 28 نومبر تي کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي – 20 ميچن جي سيريز به ساڳئي هنڌ کيڏي ويندي. ٽن، ٽي -20 ميچن جي پهرين ميچ پهرين ڊسمبر، ٻي 3 ڊسمبر جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي – 20 ميچ 5 ڊسمبر تي کيڏي ويندي.