هراري- 20 نومبر (اي پي پي) زمبابوي ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 24 نومبر تي ڪوئنز اسپورٽس ڪلب بلاوايو ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه زمبابوي ۾ آهي جتي هو ميزبان ٽيم خلاف ٽي ون ڊي ۽ ٽي ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. ميزبان اسڪواڊ جي اڳواڻي ارون ڪريگ جڏهن ته مهمان ٽيم پاڪساني ٽيم جي سربراهي محمد رضوان ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 24 نومبر تي ٿيندي. ٻي ون ڊي ميچ 26 نومبر ۽ ٽي ۽ آخري ميچ 28 نومبر تي کيڏي ويندي. ٽئي ون ڊي هڪ ئي هنڌ ڪوئنز اسپورٽس ڪلب بلاوايو ۾ کيڏيا ويندا.