بارباڊوس- 05 نومبر (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري فيصلائتي ميچ 6 نومبر تي بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز1-1 تان برابر آهي. ميزبان ويسٽ انڊيز پهرين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي پر ٻي ون ڊي ميچ ۾ مهمان انگلينڊ جي ٽيم ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي نه رڳو جاندار ڪم بيڪ ڪيو پر ٽن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي آهي.