رياض- 05 نومبر (اي پي پي) بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ون ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ آريانا سبالنڪا ڊبليو ٽي اي فائنلز ۾ پرپل گروپ جي ٻي ميچ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. 26 سالن جي بيلاروس جي ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر ون آريانا سبالينڪا ڊبليو ٽي اي فائنلز ۾ عورتاڻي سنگلز مقابلن جي پرپل گروپ جي ٻي ميچ ۾ چين جي حريف رانديگرياڻي زينگ ڪنوين کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. ڊبليو اي فائنلز گروپ ميچون سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض جي ڪنگ سعود يونيورسٽي ايرينا ۾ جاري آهن.