پيرس-01 نومبر(اي پي پي ) جرمني جي ناليواري ٽينس اسٽار اليگزينڊرزويروف، يونان جي مشهور ٽينس اسٽار اسٽيفانوس سيٽسيپاس، آسٽريليا جو ٽينس اسٽار ايلڪس ڊي مينور ۽ ڊينمارڪ جو ٽينس اسٽار هولگررو، اي ٽي پي روليڪس پيرس ماسٽرز اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته اسپين جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو سيڪنڊ سيڊڊ ڪارلوس الڪاراز پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ شڪست بعد ايونٽ مان ٻاهر نڪري ويو آهي. اي ٽي پي جي اهتمام هيٺ ماسٽرز اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو فرانس جي گادي واري هنڌ پيرس ۾ جاري آهي. مردن جي سنگلز مقابلن جي ٽئين رائونڊ ۾ جرمن ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٿرڊ سيڊڊ اليگزينڊرز ويروف بهترين راند پيش ڪندي فرانس جي مخالف رانديگر آرٿر فلز کي 6-4، 3-6 ۽ 6-3 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، جتي سندس مقابلو يونان جي ٽينس اسٽار اسٽيفانوس اسيٽسيپاس سان ٿيندو. يونان جي اسٽيفانوس اسيٽسيپاس مينز سنگلز جي ٽئين رائونڊ ۾ سخت مقابلي بعد ارجنٽائن جي مخالف رانديگر فرانسسڪو سيرون ڊولو کي 6-7(1-7) 6-4 ۽ 6-2 تان شڪست ڏئي ٽاپ 8 رائونڊ تائين رسائي حاصل ڪئي آهي. 25 سالن جي ايلڪس ڊي مينو به ٽي رڪاوٽ پار ڪري ورتي آهي. هن شاندار راند جو مظاهرو ڪندي انگلينڊ جي رانديگر جيڪ اليگزينڊر ڊريپر کي 5-7، 6-2 ۽ 6-3 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو آهي. هڪ ٻي ميچ ۾ ڊينمارڪ جي هولگر روني فرانس جي مخالف رانديگر آرٿر ڪازا ڪس کي 3-6، 6-3 ۽ 6-4 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.