سڊني-01 نومبر (اي پي پي) سائوٿ آسٽريليا ۽ وڪٽوريه جون ٽيمون دي مارش ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي 11هين ميچ ۾ 12 نومبر تي آمهون سامهون ٿينديون.نيٿن ميڪ سويني سائوٿ آسٽريليا جي قيادت ڪندو، جڏهن ته وڪٽوريه جي اڳواڻي ول سدرلينڊ ڪندو.آسٽريليا ڪرڪيٽ (سي اي) جي انتظام هيٺ دي مارش ڪپ جا دلچسپ ۽ سخت مقابلا آسٽريليا ۾ جاري آهن. ٽورنامينٽ ۾ 12 نومبر تي هڪ ميچ کيڏي ويندي. وڪٽوريه جي ٽيم هيسيتائين 3 ميچون کيڏي چڪي آهي جنهن ۾ هن 2 ميچون کٽڻ بعد 9 پوائنٽس سان ٽيبل تي ٻئين نمبر تي آهي. سائوٿ آسٽريليا جي ٽيم هن وقت تائين 3 ميچون کيڏي چڪي آهي. جنهن ۾ هو هڪ ميچ کٽي سگهي ۽ پوائنٽس ٽيبل تي 6 پوائنٽس سان پنجين نمبر تي آهي. ٽورنامينٽ ۾ 6 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪنديون. ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ ايندڙ سال پهرين مارچ تي کيڏيو ويندو.