لنڊن -30 آڪٽوبر (اي پي پي )انگلش پريميئر فٽ بال ليگ ۾ 2 نومبر تي وڌيڪ 7 ميچن جو فيصلو ٿيندو. اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ نيوڪيسل يونائيٽڊ ۽ آرسنل جي ٽيمن وچ ۾ سينٽ جيمز پارڪ، نيوڪيسل انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ دفاعي چيمپئين مانچسٽر سٽي ۽ بورن مائوٿ جي ٽيمن وچ ۾ وائٽلٽي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ٽئين ميچ ۾ ايپسوچ ٽائون ۽ ليسٽر سٽي جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. اها ميچ پورٽ مين روڊ، ايپسوچ ۾ کيڏي ويندي. چوٿين ميچ ليور پول ۽ برائٽن اينڊ هووالبيون جي ٽيمن وچ ۾ سٽي گرانڊ، ناٽنگهم ۾ کيڏي ويندي. ڇهين ميچ سائوٿمپٽن ۽ ايورٽن جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي اها ميچ سينٽ ميري اسٽيڊيم سائوٿمپٽن ۾ کيڏي ويندي.