اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ ٽئين ٽيسٽ ميچ 24 آڪٽوبر خميس ڏينهن راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي، اگلينڊ ٽئين ٽيسٽ ميچ لاءِ پنهنجي حتمي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. فاسٽ بالر گس اٽڪنسن انگلينڊ ٽيم ۾ واپس اچي ويو آهي جڏهن ليگ اسپينر ريحان احمد کي ڀارت خلاف فيبروري ۾ راجڪوٽ ۾ کيڏيل ٽيسٽ کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. درهم ڪي برائڊن ڪارس ۽ ميٿيو پوٽس هن ڀيري ٽيم جو حصو نه هوندا. انگلينڊ جي ٽئين ٽيسٽ لاءِ ٽيم ۾ زيڪ ڪرالي، بين ڊڪٽ، اولي پوپ، جو روٽ، هيري بروڪ، بين سٽوڪس(ڪپتان)، جيمي سمٿ، گس اٽڪنسن، ريحان احمد، جيڪ ليچ ۽ شعيب بشير شامل آهن. ان کان اڳ ٻئي ٽيسٽ ميچُون ملتان ۾ کيڏيُون ويُون هُيون ۽ سريز هڪ هڪ ميچ سان برابر آهي.