شارجا-04 آڪٽوبر (اي پي پي ) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي ) جي اهتمام هيٺ يو اي اي ۾ جاري ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 5 آڪٽوبر ڇنڇر تي وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهرين ميچ بنگلاديش ۽ انگلينڊ جي وومين ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ميچ ۾ دفاعي چيمپئن آسٽريليا ۽ سريلنڪا جون ويمنز ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. ٻئي ميچون شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.آئي سي سي ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي نائين ايڊيشن جو باضابطه آغاز عرب امارات ۾ ٿي چڪو آهي. جنهن ۾ مداحن کي ڪرڪيٽ جا دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگا ايونٽ ۾ 10 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ آمهون سامهون ٿينديون .پاڪستان ۽ ڀارت جي ويمنز ٽيمن وچ ۾ 6 آڪٽوبر تي دبئي ۾ کيڏي ويندي . ميگا ٽورنامينٽ ۾ 20 ميچن کانپوءِ پهرين سيمي فائنل ميچ 17 آڪٽوبر تي ٻيي سيمي فائنل ميچ 18 آڪٽوبر جڏهن ته فائنل ميچ 20 آڪٽوبر تي شيڊول آهي. ميگا ايونٽ ۾ شامل 10 ٽيمن ۾ دفائي چيمپئين آسٽريليا، نيوزي لينڊ، ڏکڻ آفريقا، سريلنڪا، بنگلاديش، پاڪستان، ڀارت، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ اسڪاٽ لينڊ شامل آهن.