لنڊن _ 3 آڪٽوبر (اي پي پي ) انگلش پريميئر ليگ ۾ 5 آڪٽوبر تي وڌيڪ 7 ميچن جو فيصلو ٿيندو . اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . پهرين ميچ ڪرسٽل پيلس ۽ ليور جي ٽيمن وچ ۾ سيلرسٽ پارڪ ، لنڊن ۾ کيڏي ويندي . ٻي ميچ آرسنل ۽ سائوٿمپٽن جي ٽيمن وچ ۾ ايمرٽس اسٽيڊيم، لنڊن ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ميچ ۾ برينٽ فورڊ ۽ وولورهيمپٽن جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ اها ميچ جي ٽيڪ ڪميونٽي اسٽيڊيم، برينٽ فورڊ ۾ کيڏي ويندي ، چوٿين ميچ ليسٽر سٽي ۽ بورن مائوٿ جي ٽيمن وچ ۾ ڪنگ پائور اسٽيڊيم، ليسٽر ۾ کيڏي ويندي، پنجين ميچ دفاعي چيمپئن مانچسيٽر سٽي ۽ فلهم جي ٽيمن وچ ۾ اتحاد اسٽيڊيم، مانچسيٽر ۾ کيڏي ويندي، ڇهين ميچ ۾ ويسٽ هيم يونائيٽڊ ۽ ايپسوڇ ٽائون جي ٽيمن وچ ۾ لنڊن اسٽيڊيم، لنڊن ۾ کيڏي ويندي ، جڏهن ته ڇنڇر ڏينهن ستين ۽ آخري ميچ ايورٽن ۽ نيو ڪيسل يونائيٽڊ وچ ۾ گذيسن پارڪ، ليور پول ۾ کيڏي ويندي.