اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) تصديق ڪئي آهي ته بابر اعظم اڱاري جي شام پاڪستان مينز وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏني هئي جنهن کي منظور ڪيو ويو آهي. قومي سليڪشن ڪميٽي کي مستقبل ۾ وائيٽ بال ڪرڪيٽ جي حڪمت عملي بڻائڻ جو عمل شروع ڪرڻ جو ڪم حوالي ويو آهي، جنهن ۾ نئين ڪپتان جي سفارش به شامل آهي. پي سي بي مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پي سي بي بابر اعظم جي وائيٽ بال جي ڪپتان جي طور تي حمايت ڪئي هئي پر سندس استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو هڪ رانديگر طور تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿو. اهو فيصلو هن جي پيشيوارڻي مهارت ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ سان وابستگي جو چٽو ثبوت آهي. هن جو يقين آهي ته پنهنجي بيٽنگ لاءِ پاڻ کي پوري طرح وقف ڪرڻ سان هو شارٽ فارميٽس ۾ ٽيم جي ڪاميابي ۾ وڌيڪ فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پي سي بي بابر اعظم جي وائيٽ بال جي ڪپتان طور ڪنٽروبيشن، ٽيم جي ضرورتن کي ترجيح ڏيڻ جي صلاحيت ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ هن جي غير متزلزل لگن کي تسليم ڪري ٿي. پي سي بي بابر اعظم جي حمايت جاري رکندو، ان ڳالهه کي تسليم ڪندي ان وٽ ورلڊ ڪلاس بيٽر ۽ ٽيم جي سينئر ميمبر ٻنهي طور تي پيش ڪرڻ لاءِ هاڻي به گهڻو ڪجهه آهي.