بيجنگ -02 آڪٽوبر (اي پي پي ) آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي فورٿ سيڊڊ ڪوڪوگف پنهنجي بهترين ڪارڪردگي عيوض چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ جاري چائنا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي وئي، جاپان جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ چار ڀيرا گرينڊ سلم ٽائيٽلز جي ڪامياب نائومي اوساڪا عورتن جي سنگلز مقابلن جي پري ڪواٽر فائنل ميچ دوران فٽنس مسئلن سبب مقابلو جاري نه رکي سگهي ۽ ميچ مان هٿ کڻي وئي. بيجنگ ۾ جاري چائنا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ جي ميچ ۾ 19 سالن جي مشهور اسٽار ۽ ايونٽ جي فورٿ سيڊڊ ڪوڪوگف جو مقابلو جاپان جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ چار ڀيرا گرينڊ سلام ٽائٽل جي ڪامياب نائومي اوساڪا سان ٿيو جنهن جو پهريون سيٽ نائومي اوساڪا 3-6 کٽيو جڏهن ته ٻئي سيٽ ۾ ڪوڪوگف جاندار ڪم بيڪ ڪندي 4-6 تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.