نيويارڪ -09 سيپٽمبر (اي پي پي) اٽلي جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ٽاپ سيڊڊ جينڪ سنر ٽيلر فيرٽز کي هارائي پهريون ڀيرو يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو . ان فتح بعد 23 سالن جي اٽلي جي ٽينس اسٽار جينڪ سنر جي گرينڊ سلام ٽائٽلز جو انگ 2 ٿي ويو آهي. ان کان اڳ هن هلندڙ سال جي پهرين گرينڊ سلام آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽيو هو. جينڪ سنر مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ آمريڪي ٽينس اسٽار ٽيلر فريٽز کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو. هلندڙ سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام يوايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ جاري آهن.