اسلام آباد-30 آگسٽ(اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پاڪستان اسٽريٽ فٽ بال ٽيم کي قوم جو فخر قرار ڏيندي چيو آهي ته راند جي ميدان ۾ محنت سان ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي،وزيراعظم يوٿ پروگرام جا دروازا نوجوانن لاءِ کليل آهن.اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پاڪستان اسٽريٽ فٽ بال ٽيم جي اعزاز ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اسٽريٽ فٽ بال ٽيم جا رانديگر قوم لاءِ فخر آهن جيڪي هتي ويٺا آهن انهن دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. راند جي ميدان ۾ محنت سان ڪامياب ٿي سگهجي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان آساني سان حاصل نه ٿيو هو اسان جي ابن ڏاڏن ان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون.هن چيو ته نوجوان اسان جو اثاثو آهن،سڄي دنيا ۾ پاڪستان مان هنر مند ماڻهو گهرايا ويندا آهن، وزيراعظم يوٿ پروگرام هيٺ نوجوانن کي هنر مند بڻائڻ لاءِ فني سکيا فراهم ڪئي پئي وڃي،رانا مشهود احمد چيو ته حڪومت آءِ ٽي سيڪٽر کي هٿي وٺرائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي،ايندڙ ڪجهه سالن ۾ آءِ ٽي شعبي جو روانگي واپار 2.5 ارب ڊالر کان وڌائي 25 ارب ڊالر تائين پهچايو ويندو.