ڪراچي-30 آگسٽ (اي پي پي) راندين کي به گورنر سنڌ اينيشيٽو ۾ شامل ڪيو ويو آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي هدايت تي راندين کي به گورنر اينيشيٽو ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اعليٰ آفيسرن تي ٻڌل ٽه رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا راندين بابت معاملا ڏسندي. پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته گورنر اينيشيٽو تحت صوبي جي باصلاحيت رانديگرن کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو. گورنر اينيشيٽو تحت راندين لاءِ گهربل وسيلا به فراهم ڪيا ويندا. پرڏيهه ۾ راندين ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن جي ڀرپور مدد ٿيندي.