حيدرآباد-30 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ وارن علائقن ۾ امڪاني سامونڊي طوفان جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن بلال احمد ميمڻ بدين، ٺٽو ۽ سجاول سميت سامونڊي علائقن ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي 30 آگسٽ کان پهرئين سيپٽمبر تائين ماهيگيرن لاءِ کليل سمنڊ ۾ وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.ان سلسلي ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڪمشنر حيدرآباد چيو آهي ته ڪنهن به اڻوندڙ واقعي ۽ برساتن سبب پيدا ٿيندڙ پريشانين کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميه الرٽ رهي. نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته چئن ڏينهن تائين سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ سمنڊ ۾ تفريح ۽ مڇي جي شڪار تي به پابندي هوندي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قلم 144 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي . نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هوا جو گهٽ دٻاءُ عربي سمنڊ طرف وڌي رهيو آهي جيڪو ڪراچي کان 270 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هوا جو گهٽ دٻاءُ سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو جنهن ڪري ٺٽو، بدين، سجاول ضلعن ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ وڏين برسات جو امڪان آهي.