پورٽ آف اسپين-29 آگسٽ(اي پي پي) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شينن گيبريل پنهنجي 12 سالن تي ٻڌل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪيريئر کي الوداع چئي ڇڏيو. 36 سالن جي فاسٽ بالر پنهنجي 12 سالن جي انٽرنيشنل ڪيريئر دوران 59 ٽيسٽ 25 ون ڊي ۽ ٻن ٽي 20 ميچن ۾ ويسٽ انڊيز جي نمائندگي ڪئي. شينن گيبريل انسٽاگرام تي لکيو آهي ته گذريل 12 سالن دوران مان پاڻ کي ويسٽ انڊيز لاءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ وقف ڪيو، ڪيريئر دوران ٽوٽل 86 ميچون کيڏيون جن ۾ 59 ٽيسٽ فارميٽ جون ميچون شامل آهن. ناليواري رانديگر پنهنجي آخري ٽيسٽ گذريل سال پورٽ آف اسپين ۾ ڀارتي ٽيم خلاف کيڏي هئي. هن چيو ته مان پنهنجي خاندان ۽ ويسٽ انڊيز لاءِ راند کيڏڻ دوران ملندڙ بيشمار نعمتن ۽ محبتن لاءِ خدا جو شڪر ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. هن ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ جي انتظاميه، ڪوچز ۽ عملي جي ميمبرن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو. شينن آخري ڀيرو جولاءِ 2023ع ۾ ويسٽ انڊيز جي نمائندگي ڪئي هئي.