اوهائيو-16 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي عالمي شهرت يافته ٽينس اسٽار، دفاعي چيمپيئن، عالمي نمبر ٽو ۽ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ ڪوڪوگف سنسناٽي ۾ جاري اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي ٻئي رائونڊ ۾ شڪست بعد ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي . قزاقستان جي 29 سالن جي يوليا انٽوناپوٽينسيوا عورتن جي سنگلز ٻئي رائونڊ ۾ آمريڪي ٽينس اسٽار ڪوڪوگف کي شڪست ڏئي ٽاپ 16 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو . آمريڪي رياست اوهائيو جي شهر سنسناٽي ۾ جاري ايونٽ ۾ سخت مقابلن جو سلسلو جاري آهي .